ساڌو ٻيلو ۾ بابا بنکنڊي مهراج جو 162هون ميلو، ملڪ ڀر مان ياترين جي آمد جاري
سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌو درياء جي ٻيٽ ۾ قائم ساڌو ٻيلو اندر بابا بنکنڊي مھاراج جي 162 ھون ميلي ۾ شرڪت لاء پوري ملڪ کان ياترين جي اچڻ جو سلسلو جاري ياترين کي اوقاف کاتي انتظاميه پاران انتظام پورا نه ڪرڻ جون شڪايتون
ان سلسلي ۾ بابا بنکنڊي مھاراج جو 162 ھين ميلي جون تقريبون ڌام ڌوم سان سنڌو درياھ جي ساڌو ٻيلو ترٿ آستان تي جاري آھن جنهن هندو برادري سمورين جاتين جي عورتن۔ٻارڙن۔مرد ياترين جي آمد جو سلسلو جاري آھي بابا بنکنڊي مهراج جي ميلي ۾ شرڪت لاء ٻيڙين ذريئي تيرٿ آستان تي پهچي من جي مرادن لاء باسون باسيون وڃن ٿيون۔ بابا بنکنڊي مھاراج جي سالياڻي ميلي ۾ ايندڙ ياترين جو چوڻ آھي ته اوقاف کاتي سکر پاران انتظامات پورا نه ڪيا ويا آھن اسان پنھنجي مدد پاڻ اسٽال لڳايا آھن ۽ پاڻ ئي ايندڙ ياترين جي خدمت ڪري رھيا آھيون ٻئي طرف انتظاميه پاران پاڻي جون ايڪسپائر ٿيل بوتلون وڪڻڻ جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رھيو آھي جيڪو انتظاميه جي نااھلي ۽ ڪرپشن جو ثبوت آھي ٻئي طرف بابا بنکنڊي مھاراج جو ورسي دوران آيل ياترين جو چوڻ آھي ته اسان ھر سال سکر ساڌو ٻيلو تيرٿ آستان تي اچي بابا بنکنڊي مھاراج جو ميلو ملهائيندا آھيون جنھن سان اسان کي دلي سڪون ملندو آھي ۽ من جون مرادون پوريون ٿيڻ لاء باسون پڻ باسيندا آھيون اسان لاء ھي ڏينھن کي عيد جيان آھي۔هوڏاهن بابا بنکنڊي مهراج ميلا ڪاميٽي پاران ياترين لاء رهائش سميت۔ڀوڄن۔ڀانڍاري ۽ طبي ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي هئي جڏهن ته پوليس انتظاميا طافان ميلي دوران سيڪورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا هئا واڪ ٿرو گيٽ لڳائي ميلي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني پئي وئي۔
جُون 13, 2025