ريلوي محنت ڪش يونين پاران وفاقي بجيٽ رد، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو مطالبو،

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ريلوي محنت ڪش يونين پاران دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرڪزي چيئرمين ڪامريڊ عبدالمجيد سولنگي،جنرل سيڪريٽري آزاد اسراڻ، نائب صدر اظھر ڀٽي، خزانچي رياض علي گوپانگ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته وفاق طرفان پيش ڪيل بجيٽ کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، 

حڪومت هميشه وانگر هن ڀيري به رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مهانگائي جي موجوده دور ۾ ملازمن جي لاءِ پگهار وڌائڻ ضروري آهي فوري طور تي ريلوي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي اڳواڻن چيو ته سينئر، تجربيڪار ۽ ٽيڪنيڪل ملازمن کي نظرانداز ڪري نون ملازمن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، جيڪا ناانصافي آهي، انهن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته سموري ملڪ جا ريلوي ملازم احتجاج ڪندا هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ مزدور دشمن آهي،

جيڪو مزدورن لاءِ مايوسيءَ جو سبب بڻيو آهي۔ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي رٽائرڊ ملازمن ۽ حاضر سروس ملازمن کي رليف ڏئي، ٻي صورت ۾ ملڪي سطح تي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، امپورٽڊ وزير خزانه کي هٽايو وڃي، پيپلز ليبر بيرو جي اڳواڻ چوڌري منظور لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي

 اسان مزدور ساڻس گڏ آهيون، پر حڪومت ۾ هوندي هي سندس پوائنٽ غلط آهي، ته حڪومت پاڪستان هن بجيٽ ۾ مزدورن کي 10 فيصد پگهار وڌائي زيادتي ڪئي آهي افسوس آهي هي ماڻهو حڪومت ۾ هوندي دانهون ڪري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، اڳواڻن قومي ادارن جي نجيڪاريءَ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ريليوي جهڙو قومي ادارو چورن جي حوالي ڪرڻ جي ڪنهن به رٿا کي رد ڪيو ويندو

 آخر ۾ اڳواڻن اعلان ڪيو ته ريلوي محنت ڪش يونين جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻيءَ ۾ سڀاڻي ڪراچي ۾ ريلوي محنت ڪشن پاران حڪمت عملي جوڙي احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، جيڪا ملازمن جي حقن، پگهارن ۾ واڌ ۽ نجڪاري خلاف جاري رهندي.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو