دادو ۾ ڀيڻ جي ساهرن پاران وحشياڻو تشدد، معصوم ڌيءَ کي اغوا ڪري گم ڪرڻ جو الزام عورتن جو ڪلام پاڪ کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جوهي شهر ۾ هڪ انتهائي انسانيت سوز واقعي جو انڪشاف، عورت کي سندس ڀيڻ جي ساهرن طرفان اوطاق تي ٻڌي مبينا بي رحماڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو اڄ ڇاڻو شاھ آباد واسي عورتن اربيلي پهوڙ، شريفان پهوڙ، سڪينه پهوڙ، زاهدان پهوڙ ۽ ٻين پريس ڪلب دادو آڏو هٿن ۾ ڪلام پاڪ کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته جوهي ۾ پنهجي ڀيڻ نواب زادي سان ملڻ ويس ته ان جي ساهرن ولي محمد، رفيق ۽ ٻين ماڻهن طرفان اوطاق تي بند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي،

 احتجاج ڪندڙ عورتن الزام لڳائندي چيو ته سندن 8 سالن جي نياڻي نرما کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي، خدشو آهي ته کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويندو۔ هنن الزام هنيو ته پوليس به بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنهن سبب جوابدار بي خوف ٿي ويا آهن احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو رڙيون ڪندي چيو ته اسان جي معصوم نياڻي سان ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي، انصاف لاءِ دربدر آهيون،

پر اڃا تائين ڪا به  پوليس ڪارروائي عمل ۾ نه آندي آهي۔ هٿن ۾ ڪلام پاڪ کڻي عورتن اپيل ڪئي ته کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي هنن سنڌ حڪومت، وزير اعليٰ پوليس آفيسرن ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي، معصوم نياڻي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ تشدد جو نشانو بڻايل عورت کي انصاف ڏياريو وڃي.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو