ايران ۽ عراق جي سفر جو سانڀاهو ڪندڙ پاڪستانين لاءِ اهم هدايتون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان ايران تي حملي کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پنهنجي شهرين کي ايران ۽ عراق جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده حالتن کي ڏسندي پاڪستاني شهري ايران ۽ عراق ڏانهن غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، جڏهن ته زائرين کي به سفري فيصلا احتياط سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران ۽ عراق جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ صورتحال بابت ايران ۽ عراق ۾ پاڪستاني سفارتخانن سان لڳاتار رابطو قائم آهي.
ٻئي پاسي، وزيراعظم شهباز شريف ايران ۾ موجود پاڪستاني زائرين جي واپسي لاءِ هر ممڪن مدد ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سندن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
وزيراعظم جي هدايت تي پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائيسز مينيجمينٽ سيل قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زائرين جي حفاظت لاءِ لاڳاپيل ادارن کي قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڏني وئي آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته زائرين جي بحفاظت واپسي لاءِ سمورا ممڪن وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ صورتحال معمول تي اچڻ تائين پرڏيهي وزارت ۽ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخانو مڪمل الرٽ رهي.
ياد رهي ته اسرائيل اڄ صبح ايران جي ڪيئي علائقن تي هوائي حملا ڪيا، جن ۾ فوجي قيادت جي رهائشگاهن، فوجي ۽ جوهري ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته انهن حملن ۾ 6 سائنسدانن سميت ڪيترائي اعليٰ عسڪري اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.