اسرائيل جو ايران تي حملو عالمي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي: نائب وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران تي اسرائيلي حملي عالمي قانونن جي بنيادن کي ڌوڏي ڇڏيو آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته ايران تي اسرائيلي حملا ايران جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهن، حملا بنا جواز ۽ مذمت جوڳا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي جارحيت انسانيت جي ضمير کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي ۽ اهو قدم خطي جي امن ۽ عالمي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي، پاڪستان ايراني حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو