اسرائيل جو ايران تي حملو خطي جي اڳ ئي غير مستحڪم حالتن کي وڌيڪ نقصان رسائيندو: وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي حملو خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي.
وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيلي حملي سبب ٿيندڙ نقصانن تي هو ايراني عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته خطي جي اڳ ئي غير مستحڪم حالتن کي وڌيڪ نقصان رسڻ جو انديشو آهي.
هن چيو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومون خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ترت قدم کڻن ڇو ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته ان جا اثر علائقائي توڙي عالمي امن تي پئجي سگهن ٿا.

جُون 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو