آءِ ايم ايف جو قرض ڪيئن لاهجي؟ محمود اچڪزئي تجويز پيش ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پختون خوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته خطي جي موجوده صورتحال پاڪستان، افغانستان ۽ ايران سميت هتان جي حڪمرانن لاءِ وڏو امتحان آهي ملڪ جي نازڪ حالتن کي نظر ۾ رکندي سڀني کي گڏجي موجوده حڪومت کي هٽائڻ گهرجي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي هن چيو ته حڪمرانن لاءِ اصل امتحان اهو آهي ته هو حالتن جو ڪيئن مقابلو ڪن ٿا، ملڪ جي حالت انتهائي نازڪ آهي، جتي 10 کان 12 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ ملڪ اربين ڊالرن جو قرضي بڻيل آهي.
اچڪزئي تجويز ڏني ته جيڪي ماڻهو حڪومتن ۾ رهيا ۽ پنهنجي وسيلن ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهيون، انهن جي ملڪيت ضبط ڪري آءِ ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن وفاداري تبديل نه ڪئي تن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏھن ته جمهوريت تي يقين رکندڙن کي موجوده حڪومت سان ڪو به رابطو نه رکڻ گھرجي.
هن جو چوڻ هو ته ايران جي صورتحال گهر ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ ملي اتحاد قائم ڪيو وڃي، جيڪو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن هي حڪومت ختم ڪئي ويندي.
اچڪزئي چيو ته پاڪستان جي عوام وٽ اها سگهه موجود آهي جو هو ملڪ هلائي سگهن، هر صوبي کي پنهنجن وسيلن تي حق ملڻ گهرجي، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي هجڻ گھرجي ۽ جيڪي آئين جي ڀڃڪڙي ڪن تن کي سزا ملڻ گهرجي.
پختون خوا ميپ جي سربراهه چيو ته اسان کي جمهوريت سان پيار آهي، نواز شريف ” ووٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو ڏنو هو، پر اڄ حالت اها آهي جو اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني سان سندس خاندان جي ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي.“
هن الزام لڳايو ته ملڪ کي ڄاڻي واڻي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بلوچستان سان ظلمن جو سلسلو جاري آهي.