ڊسٽرڪٽ بار سکر پاران اڳوڻي جج امير علي مهيسر جي مان ۾ الوداعي تقريب، نئين جج الله بچايو گبول کي آجياڻو
سکر( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ )ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن سکر پاران هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جيڪا اڳوڻي مانواري ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنس جج جناب امير علي مهيسر جي مان ۾ الوداعي حيثيت سان منعقد ڪئي وئي. هن تقريب جو اهتمام ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ سندر خان چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ بار جي سينيئر وڪيلن، ججن، آفيسرن ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران ايڊوڪيٽ سندر خان چاچڙ پاران جناب امير علي مهيسر ۽ نئين مقرر ٿيل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنس جج جناب الله بچايو گبول کي سنڌ جي سدا حيات شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي ٻڌل ڪتاب *”سنڌي ثقافت ۽ شاه لطيف”* سوکڙي طور پيش ڪيو ويو. ڪتاب جي سوکڙي پيش ڪرڻ جو مقصد سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ۽ عدالتي عملدارن جي ادبي ذوق جي واکاڻ ڪرڻ هو.
جناب امير علي مهيسر پنهنجي خطاب ۾ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي خدمتن دوران وڪيل برادري پاران حاصل سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نئين آيل جج جناب الله بچايو گبول کي به دل جي گهرائين سان بار پاران آجياڻو ڏنو ويو، جنهن تي هن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو قانون جي حڪمراني لاءِ پرعزم آهي ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو.
تقريب دوران ٻين مقررين پڻ خطاب ڪندي اڳوڻي جج جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي ۽ نئين جج لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
جُون 12, 2025