پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 600 سيڪڙو واڌ تي سوال ته اُٿندا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وفاقي وزير ھڪ انٽرويو دوران چيو تھ سينيٽ چيئرمين ، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽پارليامينٽ ميمبرن جون پگھارون گھڻي عرصي کان نھ وڌيون ھيون ان جي ڪري سندن مجبوري بھ ھئي اضافو ڪيو ويو. پر جتي ملڪ پائي پائي لاءِ پريشان ھجي اتي اھڙي واڌ جو ڪو بھ جواز نٿو ٺهي.
اضافو اگر ڪرڻو ئي ھيو تھ پنجاھ سٺ سيڪڙو ڪجي ھا يا 600 سيڪڙو واڌ ؟ ٻئي پاسي پگھاردار ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو اضافو پوءِ ان تي ماڻھو سوال تھ اٿاريندا. ٻي پاسي سولر پينلز جي امپورٽ تي مٿان 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويوآھي
ان سان سولر پينلز جي قيمت وڌي ويندي. ٻئي پاسي عليمھ خان آرمي چيف خلاف احتجاج بابت سوال تي چيو تھ جيڪو بھ ظلم ڪندو ان خلاف احتجاج ٿي سگھي ٿو صرف سياسي ماڻھن خلاف ئي احتجاج ڇو سڀني خلاف ٿي سگھي ٿو.ٻئي پاسي بيرسٽر گوھر ان احتجاج جي ڪال کان لاتعلقي ڏيکاريندي چيوآھي تھ پي ٽي آئي ڪنھن احتجاج جو سڏ ناھي ڏنو.ٻاھر جيڪو احتجاج ڪن ٿا ان بابت پي ٽي آئي ناھي چيو.جنھن تي شھباز گل چيو تھ اسان احتجاج ڪنداسين ڀلي اسان کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.
جُون 12, 2025