وسيم اڪرم حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ لڳل پنهنجي مجسمي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) سوئنگ جي سلطان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم نيٺ پنهنجي مجسمي تي ٿيندڙ تنقيد تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي .
سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي پوسٽ ڪندي وسيم اڪرم پنهنجي مجسمي سان گڏ هڪ شينهن جي مجسمي جي تصوير شيئر ڪئي ۽ طنزيه انداز لکيو”منهنجو مجسمو پڪَ سان شينهن کان چڱو آهي.“
وسيم اڪرم چيو ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم لڳايل سندس مجسمي بابت گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر هو سمجهي ٿو ته ” آئيڊيا جي اهميت وڌيڪ هوندي آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” مجسمو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪريڊٽ ملڻ گهرجي. جن ماڻهن ان ۾ حصو ورتو تن کي مڪمل داد ڏيڻ گهرجي.“
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نياز اسٽيڊيم ۾ لڳايل وسيم اڪرم جي مجسمي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن تي ڪرڪيٽ مداحن سخت تنقيد ڪئي هئي.

جُون 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو