ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاري سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاري کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر ماهه رنگ کي ٻين ڇهن ماڻهن سان گڏ امن ۾ خلل وجهڻ جي قانون هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو،
بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ هن ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل عمران بلوچ بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي ڀيڻ ناديا بلوچ طرفان ملڪ جي وڏي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي،
عمران بلوچ ٻڌايو ته جيتوڻيڪ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي قيادت خلاف هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، پر اهو مقدمو اڃا تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهيو آهي،
عمران بلوچ وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر ماهه رنگ ۽ ٻين ماڻهن جي حراست ۾ هيل تائين ٽئين ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي.
جُون 12, 2025