سڪرنڊ: زرعي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ جي روڪٿام لاءِ مانيٽرنگ سيل جو تعارفي اجلاس

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن نديم احمد ابڙو جي صدارت ھيٺ سنڌ ھائي ڪورٽ جي ھدايتن تي زرعي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ کي روڪڻ لاءِ قائم مانيٽرنگ سيل جو تعارفي اجلاس اڄ ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ٿي گذريو

اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر نديم احمد ابڙو چيو ته سنڌ حڪومت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ ميرپورخاص پاران آئيني درخواست جي فيصلي جي تعميل ۾ ڊويزن سطح تي آبادگارن کي ريليف فراھم ڪرڻ لاءَ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آھي

 جنھن جو مقصد زرعي ڀاڻ جي قيمتن جي اثرائتي نگراني، بليڪ مارڪيٽنگ جي روڪ ٿام لاءِ قدم کڻڻ آھي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته مانيٽرنگ سيل ۾ ڪمشنر کي چئيرمين مقرر ڪيو ويو آھي جڏھن ته ڊويزنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر کي سيل جو سيڪريٽري/ ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي

 ان کان علاوه ايڊيشنل ڪمشنر ون، آبادگار/آبادگار بورڊ جو نمائندو سيل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آھن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڊويزنل مانيٽرنگ سيل پاران ضلع مانيٽرنگ سيل جي ڪارڪردگي ۽ آبادگارن کي زرعي ڀاڻ مقرر ڪيل قيمتن تي فراھمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ آبادگارن جون تجويزون ۽ درپيش مسئلا صوبائي سطح تي قائم مانيٽرنگ سيل کي موڪليا ويندا

ڪمشنر ٽنھي ضلعن جي آبادگار اڳواڻن کي چيو ته ھو ايندڙ اجلاس ۾ سندن تجويزون ۽ مسئلا  لکت ۾ پيش ڪن اجلاس ۾ شھيد بينظيرآباد، سانگھڙ ۽ نوشھرو فيروز جي آبادگار اڳواڻن مختيار ناز، يار محمد لغاري، مراد علي نظاماڻي، اقبال ڏاھري ۽ امام علي آبادگارن جي مسئلن بابت آگاهي ڏني

 اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي، ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساراہ جاويد، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل گل فيصل الاھي ۽ ٽنھي ضلعن جي آبادگار اڳواڻن شرڪت ڪئي.

جُون 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو