سڪرنڊ: اڳوڻي چيف سيڪريٽري مرحوم ڪي بي رند جي قبر تي سرڪاري اعزاز سان گلن جي چادر چاڙهي وئي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ پاران اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ بلوچستان مرحوم قلعي بخش المعروف ڪي بي رند جي وفات تي ڏُک جو اظھار ڪرڻ بعد سندس قبر تي گلن جي چادر چاڙھڻ لاءِ ڏياري موڪلي جيڪا ڪمشنر شهيد بينظيرآباد نديم احمد ابڙو سرڪاري اعزاز سان نماز جنازه ۾ شرڪت ڪري چادر پيش ڪئي
جيڪا بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا ۽ مختيارڪار شوڪت حسين بجيرو مرحوم جي فرزند سڪندر حيات رند ، ڀائرن گل محمد رند ۽ علي اصغر رند سميت سوڳوار خاندان جي موجودگيءَ ۾ قبرن تي گلن جي چادر چاڙھڻ بعد فاتحه خواني ڪئي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ جو تعزيتي پيغام پڻ پهچايو هوڏانهن مرحوم جي وفات تي سندس فرزند ۽ ڀائرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي
تعزيت ڪندڙن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ، سرڪاري ڪامورا ۽ علائقي جون معتبر شخصيتون شامل آهن جن ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو وڏو ڀاءُ سيد محمود شاھ ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ، ايس ايس پي نوابشاھ شبير احمد سيٺار ، سيد محمد منير شاھ ، ميئر قاضي رشيد ڀٽي ، محمد سالم زرداري ، علي اڪبر جمالي ، مير نادر علي ابڙو ، امداد حسين ڪيريو ، احسان علي شاھ ، علي شير انڙ ، نور احمد لاکو ، مير محمد ڪيريو ، غلام حيدر سولنگي ، وريام پاهي ، راجڪمار اوڏ ، غلام نبي ملاح ، غلام مصطفيٰ زرداري ، بشير لاشاري ، ولي محمد ڀٽي ، اسد علي مگسي ، سردار ڄام تبريز انڙ سميت ڪئي شخصيتون شامل آهن.
جُون 12, 2025