سڪرنڊ: ايس ايس پي شبير احمد سيٺار پاران عوام جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ کليل ڪچهري، فوري حل لاءِ هدايتون جاري

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايس يس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار سندس آفيس ۾ عوام جا مسئلا ٻڌا مختلف سائل جيڪي شهرن توڙي ٻھراڙيءَ مان آيل هئا انهن جا مسئلا ٻڌڻ بعد لاڳاپيل حدن جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ.اوز کي هدايتون جاري ڪيون جن عوام جا مسئلا فورن حل ڪرڻ جي يقين دهائي ڪرائي

 ان موقعي تي ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار ڳالهائيندي چيو ته عوام جي جان و مال جي حفاظت پوليس جي ذميواري آهي ۽ امن و امان قائم ڪرڻ پڻ پوليس جو ڪم آهي جنهن تي پڻ پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي

 هن وڌيڪ چيو عوام جو پوليس تائين پهچڻ ۽ سندن مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ کي آسان ڪيو ويو آهي ڪوبه ماڻھو ٿاڻي تي وڃڻ يا پوليس تائين پهچڻ ۾ ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه ڪري اسين سندن مسئلن جي حل لاءِ ويٺا آهيون .

جُون 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو