سِڌو موسي والا کي ڇو قتل ڪيو؟ گينگسٽر گولڊي برار ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور پنجابي گلوڪار سڌو موسي والا جي 2022ع ۾ ٿيل وحشياڻي قتل بابت نوان انڪشاف سامهون آيا آهن.
قتل جي ماسٽر مائنڊ گينگسٽر گولڊي برار پاڻ ئي قتل جي ذميواري قبولي ورتي آهي.
گولڊي برار تازو بي بي سي کي ڇهن ڪلاڪن تي ٻڌل وائس نوٽس ذريعي انٽرويو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته ”سڌو موسي والا جي آڪڙ ۽ رويو حد کان وڌي ويو هو، هو اهڙيون غلطيون ڪري چڪو هو، جن جي معافي ممڪن نه هئي، اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن نه يا هو رهي ها يا اسان.
گينگسٽر جو چوڻ هو ته سڌو موسي والا ۽ گينگ ليڊر لارنس بشنوئي 2018ع کان هڪٻئي سان رابطو ۾ هئا.
سندس چوڻ هو ته ” سڌو بشنوئي کي هر روز صبح ۽ رات جي سلا وارا پيغام موڪليندو هو، پر جڏهن هن اسان جي مخالف بمبيها گينگ جي ڪبڊي ٽورنامينٽ جي حمايت ڪئي ته بشنوئي ناراض ٿي ويو.“
ان کانپوءِ بشنوئي جي ويجهي ساٿي وڪي مڌوکيڙا جي قتل کانپوءِ ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي ويا.
پوليس جاچ موجب، سڌو موسي والا جو ويجهو ساٿي شگنپريت سنگهه به مڌو کيڙا جي قتل ۾ سهولتڪار قرار ڏنو ويو هو، جنهن کان سڌو موسي والا هميشه انڪار ڪندو رهيو.
گولڊي برار وڌيڪ چيو ته ”اسان ڪيئي ڀيرا انصاف لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو، پر جڏهن ڪا واٽ نه بچي ته پوءِ اسان اهو فيصلو ڪيو ڇو ته جڏهن ڪو به شرافت جي ڳالهه نه ٻڌندو تڏهن بندوق جي آواز ٻڌڻ ٻڌو ويندو آهي.“
انٽرويوءَ دوران جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڀارت ۾ قانوني نظام ته موجود آهي؟ جنهن جي جواب هن چيو ته ”اهو رڳو اميرن لاءِ آهي، عام ماڻهوءَ کي ڪڏهن به انصاف نه ٿو ملي.“
واضح رهي ته گولڊي برار تي شڪ آهي ته هو سڌو موسي والا جي قتل کانپوءِ ڪئناڊا فرار ٿي ويو هو ۽ اڃا تائين اُتي ئي لڪل آهي.
قتل جي ٽن سالن کان پوءِ به نه سندس خلاف ڪو ڪيس هليو نه ئي گولڊي برار گرفتار ٿي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ هن ميڊيا ذريعي قتل جي ذميواري پڻ قبول ڪري ورتي آهي.
ياد رهي ته سڌو موسي والا جن جو اصل نالو شُڀديپ سنگهھ هو، جنهن کي 29 مئي 2022 تي ڀارتي رياست پنجاب جي مانسا ضلعي جي ڳوٺ جواهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.
سندس ڪار تي 30 کان وڌيڪ گوليون فائر ڪيون ويون هيون، جنهن سبب هو ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو هو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي سخت زخمي ٿيا هئا.
سڌو موسي والا گهٽ عرصي ۾ پنجابي موسيقي ۾ هڪ وڏو نالو ڪمايو، هو پنهنجي گانا پاڻ لکي ۽ ترتيب ڏيندو هو، سندس ڳاڻيٽو پنجاب جي امير ترين فنڪارن ۾ ٿيندو هو.