سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جون پگهارون ڪيئن وڌيون؟ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ واري معاملي جي نئين ڪهاڻي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ سينيٽ هائوس فنانس ڪميٽي ڪئي، جنهن جي صدارت ڪجهه مهينا اڳ يوسف رضا گيلاني ڪئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهارن ۾ اضافو قومي اسيمبلي جي هائوس فنانس ڪميٽي جي فيصلي تحت ٿيو جنهن جي صدارت اياز صادق ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪميٽين جا اجلاس خاموشيءَ سان ٿيا ۽ چار اهم عهديدارن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ان وقت ڪيو ويو.
ذريعن موجب، حڪومت جو انهن فيصلن سان سڌي ريت ڪو به تعلق ناهي، ڇاڪاڻ ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ بجيٽ جي فراهمي کانپوءِ پنهنجي خرچن جي حوالي سان خودمختيار آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون موجب وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مداخلت جو اختيار ناهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف معاملي جو نوٽيس ته ورتو آهي، پر هو رڳو اخلاقي طور پيغام ڏئي يا ڪابينا ذريعي سفارش ڪري سگهي ٿو، حتمي فيصلي جو اختيار ايوانن جي مالي ڪميٽين کي هوندو.

جُون 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو