سرگوڌا: والي بال ميچ دوران رانديگر کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي 94 سال قيد جي سزا

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا جي عدالت 2022ع دوران والي بال ميچ جي دوران هڪ رانديگر جي قتل ۽ ٻئي جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
ايڊيشنل سيشن جج چوڌري انعام الاهي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٻن ڏوهارين کي مجموعي طور 94 سال قيد ۽ ويهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
عدالت شڪ جو فائدو ڏيندي ٽئين جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب، ڏوهارين طرفان ادا ڪيل ڏنڊ جي رقم مقتول ۽ زخمي رانديگر جي وارثن کي معاوضي طور تي ڏني ويندي.
ياد رهي ته 2022ع ۾ ڏوهارين والي بال ميچ دوران هڪ رانديگر کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو هو .
پوليس واقعي کانپوءِ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.