دادو: پير مجيب الحق پاران سوين برسات متاثرن کي نون گهرن جون سندون، مالڪاڻا حق منتقل
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پيپلزپارٽي ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق پاران پنهنجي چونڊ تڪ ڦلجي اسٽيشن جي ڪئمپس بوائز پرائمري اسڪول جي گرائونڊ ۾ سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن کي نوان گهر ٺھرائي ڏيڻ واري تقريب ۾ تعمير ٿيل گهرن جون سندون ڏئي متاثرن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا،
هن تقريب ۾ ايم پي اي دادو پير مجيب الحق پاران سوين متاثرن کي گھرن جون سندون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن، سموري سنڌ حڪومت طرفان ڦلجي توڙي آس پاس جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڊهي ويل گهرن کي نئين سر تعمير ڪرائي سوين بي گھر متاثرن کي پنهنجي گھرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي،
تقريب ۾ ايم پي، اي دادو بئريسٽر پيرمجيب الحق، قاضي امتياز احمد قريشي، اي سي دادو سميع الله وڳڻ، مختيارڪار دادو شيراز پنهور ارباب پنهور، رائو انور علي راجپوت اسحاق ساقي ، امتياز پنهور، علي شير پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،
ايم پي اي دادو پير مجيب الحق سوين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي غريب مسڪينن جي پارٽي آهي، برسات، ٻوڏ جي تباھ ڪارين ۾ هزارين غريب مسڪينن جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا ۽ هو بي گهر ٿي ويا هئا،
پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سموري سنڌ ۾ ھزارين بي گهر پورهيتن کي نوان گھر تيار ڪرائي ڏنا ويا آهن اڄ ڦلجي جي سوين بي گھر متاثرن کي سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ڏئي کين مالڪاڻا حقوق ڏئي رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي خدمت تي يقين رکي ٿي ،
مخالف سنڌ حڪومت خلاف اجايو واويلا ڪري عوام ۾ نفرت پکيڙڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي اسين به سنڌ ڄاوا آهيون پاڻي جو سودو ڪڏهن به ڪونه ڪنداسين ھن وڌيڪ چيو ته آءُ 5 ڪروڙ روپيا ڦلجي جي واٽر سپلائي اسڪيم ، پبلڪ پارڪ ۽ راند جي گرائونڊ لاءِ مختصص ڪريان ٿو، تمام جلد شهر جا جيڪي به بنيادي مسئلا آهن اهي حل ڪرايا ويندا، رهواسين پاران خوشي اظھار ڪندي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ جيئي ڀٽو جيئي بلاول ڀٽو زرداري جي نعرن سان سندس استقبال ڪيو ويو،
ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ امداد حسين ڏاوڇ، خالد حسين ميراڻي، غلام حيدر کوسو، شهمير چهواڻ، ڪامريڊ نظيراحمد قمبراڻي، پير عامر علي، روشن علي چانڍيو، طاهر حسين لغاري ۽ ٻيا موجود هئا.
جُون 12, 2025