بجيٽ ۾ غريب ترين طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو ته ”معاشي اڻ برابري“ وڌندي: ماهر

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان بجيٽ 2025 کي هڪ معاشي ڪاميابي طور پيش ڪيو پيو وڃي، پر ڪيترن ئي غير جانبدار معاشي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته، ”ڪمزور ۽ غير شفاف“ معاشي فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ هڪ نئين مالي بحران ڏانهن وڌي سگهي ٿو، معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته هي بجيٽ “معيشت ۽ عام ماڻهو لاءِ نقصان ڪار” آهي، پگهارن ۾ ٿورو اضافو ۽ ڪجهه ٽيڪسن ۾ گهٽتائي مثبت قدم آهن،
پر اهي فائدا صرف مخصوص طبقي تائين محدود آهن، غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن لاءِ هي بجيٽ ڪو به فائدو نه ٿي ڏي، اهي ماڻهو نه پگهاردار آهن، نه ئي باقاعده ٽيڪس ڏين ٿا، ان ڪري حڪومت جي رليف پاليسين کان ڪٽجي رهيا آهن،
بجيٽ ۾ غريب طبقي لاءِ سڌي مدد، سبسڊي يا روزگار جي ضمانت جهڙن قدمن جي کوٽ آهي، ڊاڪٽر بنگالي جو خيال آهي ته جيڪڏهن بجيٽ ۾ غريب ترين طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو ته معاشي اڻبرابري وڌندي، جيڪا اڳ ئي سماجي بيچيني جو سبب بڻجي رهي آهي، سينيئر تجزئي نگار ثقلين امام چيو ته هي بجيٽ گذريل بجيٽن وانگر ئي آهي، ان ۾ ڪا جوهري تبديلي نظر نٿي اچي، بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن تي تيار ڪيل آهي،
نه ته عام پاڪستاني جي فلاح لاءِ آهي، پاڪستان جي تقريباً 40 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، هن بجيٽ ۾ انهن غريبن لاءِ ڇا آهي؟، معاشي ماهر خالد رسول چيو ته بجيٽ ۾ گرين پاڪستان ۽ ماحول دوست گاڏين جي نالي تي ننڍين گاڏين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي، ان سان گاڏين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي، جيڪا عام ماڻهوءَ لاءِ مالي بار وڌائيندي، ماحول دوست پاليسين جو مقصد جيڪڏهن ماحول کي بهتر ڪرڻ آهي ته ان جو بار غريب طبقي تي نه وجهڻ کپي،
ننڍو ڪاروبار ڪندڙ عورت اقرار چيو ته آن لائن ڪاروبار تي ٽيڪس لڳڻ سبب نوجوان ڪاروبارين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، خاص ڪري ننڍن ۽ نون ڪاروبارن لاءِ انهيءَ نظام سان مطابقت پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي، ان قدم سان نوڪريون پيدا ڪرڻ بدران بيروزگاري وڌڻ جو خدشو آهي.
جُون 12, 2025