ڊيوٽي چور پوليس عملدارن خلاف ايس ايس پي دادو جو وڏو ايڪشن، 4 اهلڪار نوڪري مان فارغ

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي اداري اندر نظم و ضبط قائم رکڻ لاءِ سرڪاري ذميوارين ۾ لاپرواهي ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي ڊيوٽيءَ کان لڳاتار غيرحاضري تي 4 اهلڪارن کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، نوڪري مان برطرف ڪيلن اهلڪار ڪانسٽيبل  نمبر 1476 زاهد  حسين لنڊ، ڪانسٽيبل نمبر 1342 خادم حسين شيخ، ڪانسٽيبل نمبر 863 ڪامران سروس سيال، ڪانسٽيبل نمبر 1574 ولي محمد سولنگي شامل آهن،

چارئي پوليس اهلڪار ڪيترن ئي مهينن کان سرڪاري ڊيوٽي تان غير حاضر هئا جن کي وقتاً بوقتاً نوٽيس به جاري ڪيا ويا ھئا پر اهي حاضر نه ٿيا، ايس ايس پي دادو چيو آهي ته پوليس فورس هڪ ڊسيپلن ادارو آهي ۽ ان ۾ ڪا به لاپرواهي يا غفلت ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي.

جُون 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو