ڄامشورو: پوليس جي زيادتين خلاف پورھيت بخشل ٻٻر جو پاڪ ڪتاب ساڻ احتجاج
ڄامشورو( رپورٽ: محمد وارث ) ڄامشورو سينڊوز روڊ تي پورھيت بخشل ٻٻر جي گھر تي پوليس چڙھائي ڪري سندس پٽ عامر ٻٻر کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف پوليس جي زيادتين جي ڪري بخشل ٻٻر پنھنجي گھر ڀاتين ساڻ ڪري پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي بخشل ٻٻر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو پٽ عامر ٻٻر بيگناھ آھي ھن خلاف ڪڏھن ڪابـ حد جي ٿاڻي ڪا شڪايت ناھي اسان ڪافي سالن کان سينڊوز تي رھائيش پذير آھيون شريف ماڻھو پورھيو ڪري پيٽ گذر ڪيون ٿا اسان جو ڏوھن سان ڪوبـ واسطو ناھي ھن چيو پوليس بلاجواز اسان جي گھر ڀٿيون ٽپي گھر اندر داخل ٿي اسان ننڊ ستل گھر ڀاتين تي تشدد ڪيو ويو جنھن سبب منھنجي ننھن جو حمل ضايع ٿيو آھي ھن پنھنجي پٽ جي آزادي جو مطالبو ڪيو آھي
ياد رھي ايس ايس پي ڏانھن شڪايت کڻي ويندڙن کي ايس ايس پي آفيس مک در تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس عملدارن پوليس متاثر گھر ڀاتين کي داٻا ڏئي گٿا لفظ ڳالھائي واپس ڪري ڇڏيو آھي.
جُون 11, 2025