نوابشاهه: ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت هيٺ پوليو مهم جو جائزو اجلاس
نواب شاه (رپورٽ: عبدالفتاح رند ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ گذريل پوليو خلاف قومي مھم دوران حاصل ڪيل ٽارگيٽ ۽ پوليو ٽيمن جي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اجلاس اڄ ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ گذريل پوليو خلاف قومي مھم دوران حاصل ڪيل ٽارگيٽ، ٽيمن جي ڪارڪردگي ۽ درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏني وئي
جنھن تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي اطمينان جو اظهار ڪندي صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ايندڙ پوليو خلاف مهم کي وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ ٽيمن جي تربيت ۽ مائڪرو پلان تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ پوليو ٽيمن کي گرمي کان بچاءَ ۽ پوليو ويڪسين جي ڪولڊ چين برقرار رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ڊپٽي ڪمشنر والدين کي اپيل ڪئي تہ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا محفوظ آھن
ھر ڀيري مھم دوران پنھنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پياري ذميوار شھري ھئڻ جو ثبوت ڏين اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري ۽ فوڪل پرسن پوليو ڊاڪٽر الله بخش راجپر گذريل پوليو خلاف قومي مھم دوران حاصل ڪيل ٽارگيٽ ۽ پيش ايندڙ مسئلن بابت ڊپٽي ڪمشنر کي تفصيلي آگاھي ڏني وئي.
اجلاس ۾ ايم ايس پي ايم سي يار علي جمالي، ڊاڪٽر رياض شاهه، مبين منڱريو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
جُون 11, 2025