نوابشاهه: ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي پاران سم نالن، پمپنگ اسٽيشنز ۽ گرڊ اسٽيشنن جو دورو

Spread the love

نواب شاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند)  ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي ميئر قاضي محمد رشيد ڀٽي، پ پ پ ضلع صدر محمد سالم زرداري، ضلع ڪائونسل چئيرمين علي اڪبر جمالي،  ايل بي او ڊي، پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي عملدارن سان گڏجي نواب شاهه،گپچاڻي،

60 ميل سميت مختلف سم نالن، کڏھر پمپنگ اسٽيشن ۽ بجلي گرڊ اسٽيشن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي چئيرمين اولڊ نواب شاهه محمد حيات ڪاڪپيوٽو، چئيرمين سيد عاطف زيدي، ايڪسين پبلڪ هيلٿ مظفر حسين زرداري، ايڪسين ايل بي او ڊي سلمان آفريدي، اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال احمد تنيو، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عبدالرسول بروھي، خان بھادر ڀٽي، اياز احمد جمالي ۽ ٻيا لاڳاپيل کاتن جا عملدار موجود ھئا.

 مختلف سم نالن ۽ ڊرينج ڊسپوزل جي دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن سم نالن جي کاٽي واري ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي

 جڏھن ته گذريل برساتن کي نظر ۾ رکندي بجلي جي گرڊ اسٽيشن جي ڊسپوزل تي پاڻي جي نيڪال واري ڪم تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي تہ جئين برساتن دوران پاڻي جو نيڪال آساني سان ممڪن ٿي سگهي

ان موقعي تي ميونسپل ڪارپوريشن جي عملدارن پاران ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھي ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل تيز برساتن سبب گرڊ اسٽيشن مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويو ھو

 جنھن جي ڪري نواب شاهه جي بجلي ڪافي ڏينھن تائين بند ھئي جنھن تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته برساتن دوران شھر ۽ بجلي جي گرڊ اسٽيشنن تان پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ پلان ترتيب ڏنو وڃي تہ جئين شھرين کي پريشاني کان بچائي سگھجي. سم نالن جي دوري دوران ايڪسين ايل بي او ڊي سلمان آفريدي سم نالن جي کاٽي واري ڪم بابت ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھي ڏني.

جُون 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو