نوابشاهه: بيواهه عورت پاران زمين ۽ پلاٽ تي ڏيرن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج
نوابشاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) قاضي احمد ويجهو ڳوٺ ھاشم راھو جي رھواسڻ بيواه عورت پارس ڪوري پنهنجي پٽ اسد علي ڀاءُ منور، ۽ ٻن معصوم نياڻين سان گڏ پنهنجي مڙس جي حصي جي ڏيڍ ايڪڙ زمين ۽ گهر جي پلاٽ تي ڏيرن پاران مبينا قبضي ڪرڻ خلاف نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 3سال اگ منهنجو مڙس ممتاز ڪوري فوت ٿي ويو هو
جنهن کان پوءِ ڏيرن، محمد ابراهيم، ھاشم، گل حسن ، ۽ ٻين مڙس جي حصي ۾ آيل ڏيڍ ايڪڙ زمين ۽ گهر جي پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو هن چيو ته ڏيرن جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف علائقي جي چڱن مڙسن وٽ دانهين ٿي ويس پر انهن منهنجي ڪاب مدد نه ڪئي جنهن بعد قاضي احمد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس ڪابه انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي
هن چيو ته ھڪ مھينو کان پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ مامي وٽ پناهه ورتي آهي هن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي۽ ، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته اسان جي زمين ۽پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُون 11, 2025