محمد رضوان جي مستقبل تي سوال اُٿڻ لڳا، حارث کانپوءِ هڪ ٻئي رانديگر تي قسمت جي ديوي مهربان

Spread the love

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بنگلا ديش خلاف هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ محمد حارث جي شاندار ڪارڪردگي بعد محمد رضوان جي مستقبل تي سوال اُٿي رهيا آهن، جڏهن ته قسمت جو ستارو هن وقت نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر روحيل نذير تي به مهربان نظر اچي رهيو آهي.
ذريعن موجب، سليڪٽرز هاڻي روحيل نذير کي موقعو ڏيڻ تي متفق ٿي ويا آهن.
بنگلا ديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ روحيل کي قومي اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، جڏھن ته ايندڙ 6 مهينن دوران بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي قومي ٽيم ۾ شموليت مشڪل آهي.
نومبر ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز دوران ٻنهي سينيئر رانديگرن جي چونڊ تي غور ويچار ڪيو ويندو، پر ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ واپسي ذري گهٽ ناممڪن قرار ڏني پئي وڃي.
قومي ٽيم جي چونڊ بابت اهم فيصلا ڪيا پيا وڃن، پر سرفراز احمد ۽ سڪندر بخت جي سليڪشن ڪميٽي ۾ شموليت بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان اڃا تائين ڪا باضابطا نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي سندن ذميواريون واضح ڪيون ويون آهن.
پي سي بي جي ويب سائيٽ موجب، اسد شفيق، اظهر علي ۽ حسن چيما سليڪشن ڪميٽي جا موجوده ميمبر آهن.
ذريعن موجب، سرفراز احمد ۽ سڪندر بخت کي سليڪٽرز جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ ۽ ڪجهه نظرانداز ٿيل رانديگرن بابت سليڪٽرز جو ڌيان ڇڪائڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي، ٻنهي اڳوڻن ڪرڪيٽرن اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ٿيل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عاقب جاويد، مائيڪ هيسن ۽ سلمان علي آغا سليڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ لاهور ۾ ٿيل تازي اجلاس دوران به روحيل نذير کي موقعو ڏيڻ جي حمايت ڪئي وئي هئي.
نسيم شاهه ۽ عامر جمال هن وقت ان فٽ آهن ۽ سندن مڪمل صحتيابي لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي، جڏهن ته پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان فاسٽ بالر علي رضا کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان نه هئڻ برابر آهي،
ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان فاسٽ بالر کي اکين جي بيماري آهي ۽ علاج لاءِ آءِ اسپيشلسٽ سان وقت ورتو ويو آهي.
ذريعن موجب، فلڊ لائٽس ۾ کيس بال ڏسڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ان ڪري سندس فٽنيس تي به ڪم ڪيو ويندو، ان کانسواءِ علي رضا کي پاڪستان شاهينز طرفان موقعا ڏئي گُروم ڪيو ويندو.
پي سي بي جي هڪ سينيئر عهديدار موجب، سرفراز احمد ۽ سڪندر بخت جي مقرري جو باضابطا اعلان اڃا ٿيڻو آهي.
ٻئي پاسي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن في الحال نيوزيلينڊ واپس هليو ويو آهي، هو 7 جولاءِ تي ڪراچي واپس ايندو، جتي 10 جولاءِ کان بنگلا ديش خلاف سيريز لاءِ قومي ٽريننگ ڪئمپ لڳائي ويندي.

جُون 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو