غربت جي نالي تي ورڇ جو ويڙهو: انگ، ادارا ۽ اصل حقيقت
ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ
پاڪستان جي وفاقي حڪومت جي طرفان ٽيون ڏينهن جاري ڪيل اقتصادي سروي 2024–25 هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ جي ترقي، انصاف ۽ وسيلن جي ورڇ جا معيار اڃا تائين صوبائي توازن بدران سياسي طاقت تي ٻڌل آهن.
سروي موجب ملڪ جي جي ڊي پي واڌ جي شرح صرف 2.68٪ رهي، جڏهن ته زرعي شعبي ۾ تباهي واري 13.5٪ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. اهڙي صورتحال ۾ عوام جي فلاح لاءِ ضروري آهي ته غربت جي خاتمي وارا پروگرام برابري سان سڀني صوبن تائين پهچن. پر بدقسمتي سان، انگ اکر بلڪل ابتا منظر پيش ڪن ٿا.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ورڇ، انصاف تي ٻڌل آهي يا تعصب تي؟
اقتصادي سروي مطابق، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي صوباوار ورڇ هن ريت آهي:
پنجاب: 79.36٪، سنڌ: 12.35٪، خيبر پختونخوا : 5.54٪، بلوچستان: 1.53٪،
مطلب ته غربت جي خاتمي لاءِ مختص ڪيل پيسن مان چار مان ٽن صوبن کي گڏيل طور به پنجاب جيترو حصو نه مليو!
ڇا واقعي پنجاب ۾ ٻين صوبن کان گهڻي غربت آهي؟ يا اهو صرف ادارتي ترتيب، انگن جي ڪاريگري ۽ وسيلن جي مرڪزي ورڇ جو نتيجو آهي؟
انهن انگن مان ته اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته جيئن اين ايف سي، چونڊ نظام، وفاقي نوڪريون، ۽ ترقياتي فنڊ پنجاب کي آبادي کان وڌيڪ نمائندگي ڏين ٿا، تيئن هاڻ غربت جي نالي تي به پاڻمرادو قرباني وٺڻ بجاءِ سڀ ڪجهه وٺڻ جي روش جاري آهي.
ٻئي طرف، پاڪستان پاورٽي ايليويئيشن پروگرام ملين ماڻهن کي فائديمند بڻائڻ جا دعوا ڪري ٿو، جن ۾ پاڻي، صحت، تعليم، ۽ معاشي سهولتون شامل آهن. پر ڇا انهن فائدن جي ورڇ به اهڙي ئي غيرمنصفانه نموني ٿي آهي؟ سرويءَ ۾ صوبن وار انگ نه ڏيکارڻ پاڻ ۾ هڪ سوال آهي. جيڪڏهن ادارا کليل ۽ شفاف (Transparent and Accountable) آهن ته پوءِ ڊيٽا (Data) لڪايو ڇو پيو وڃي؟
مون کي سنڌ جي هڪ ڊاڪٽر طور روزانو اهڙا مريض ملن ٿا، جيڪي نه صرف غريب آهن، پر بيواهه، يتيم، معذور ۽ لاوارث به آهن. انهن مان ڪيترن کي BISP جو ڪو ڪارڊ يا زڪوات به نٿو ملي نه ئي سنڌ ۾ سواءِ هڪ ضلع عمرڪوٽ کانسواءِ به شهريء کي ڪو صحت ڪارڊ به نٿو ملي، ۽ علاج ته پري جي ڳالهھ آھي بلڪه روز جي ٻن وقتن جي ماني لاءِ به اهي محتاج آهن.
اهڙين حالتن ۾ جڏهن BISP جي ورڇ ڏسون ته دل چوي ٿي ته : “پنجاب جي غربت ختم ڪرڻ لاءِ جيڪر چارئي صوبا گڏجي جيڪر قرباني جون کلون ۽ فطرو به کين موڪليو وڃي ” هن پاورٽي ايليويشن سروي جي رپورٽ مطابق پاڪستان جا چار صوبا گڏجي به پنجاب جي برابر نه ٿي سگهيا آهن. پنجاب جو 80 سيڪڙو جڏهن باقي چئني صوبن جو صرف 20 سيڪڙو بنجي ٿو.
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڄ به ڪنڊن جي لوڙهي ( چوديواري) ۽ هڪ ٿوڻي تي بيٺل ڇت جي هيٺان رهن ٿا، جڏهن ته ان جي برعڪس پنجاب ۾ ڪو هڪ گهر به لوڙهي يا ٿوڻيء تي بيٺل نظر نه ايندو، اتان جا اڪثر پڪين، آر سي سي ڇتين جا گهر ۽ پڪا روڊ ملندا، پوء اهي ايترا غريب ۽ مسڪين ۽ اسان وٽ ڳوٺن جا ڳوٺ غربت جي لڪير کان به هيٺ ۽ ڪچن ، لوڙهڻ ۾ رهندڙ امير ڪين ٿيا؟
جيڪڏهن غربت جا انگ اکر به سياسي محرڪات ۽ آبادي جي وڌايل دعوائن تي ٻڌل ٿين، ته پوءِ پاڪستان ۾ وفاقي اڻبرابري جو علاج ڪهڙي هٿ سان ڪيو ويندو؟
وقت اچي ويو آهي ته سول سوسائٽي ، ميڊيا، ۽ عوام گڏجي سوال ڪن ته :
ڇا وفاق سڀني لاءِ برابر آهي؟
ڇا غربت صرف پنجاب ۾ آهي؟
ڇا ٻين صوبن جا مسڪين انسان ناهن؟
هي ڪو رپورٽ جو تجزيو نه، بلڪه ضمير کي جاڳائڻ لاءِ لکيل سوالنامو آهي. اسان کي پنهنجن وسيلن، حقن، ۽ ٻچڙن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو، نه ته اسان جو غربت جي نالي تي سڀ ڪجهه لٽجندو رهندو، ڪڏھن ترقي جي نالي تي ته ڪڏهن جي وفاق جي نالي تي!
جُون 11, 2025