عمران خان جي آزادي ممڪن نظر نه پئي اچي: عليما خان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته هنن کي عمران خان جي آزادي ممڪن نظر نه پئي اچي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي تحريڪ بابت تيارين مان مطمئن آهي ۽ کين چڱيءَ ريت خبر آهي ته پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن ڪهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هاڻي اها تحريڪ روڪڻ ممڪن ناهي.
عليما خان چيو ته موجوده حالتن ۾ سندن لاءِ سمورا در بند ڪيا ويا آهن، ججن تي ڏاڍو دٻاءُ آهي پر اسان ججن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته لڳي ٿو ته عمران خان کي ڪيئي مهينا وڌيڪ قيد ۾ رکڻ جو ارادو آهي.
عليما خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي نظرون پي ٽي آءِ قيادت تي کتل آهن ته هو پنهنجي قائد جي آزاديءَ لاءِ ڪهڙا قدم کڻن ٿا.

جُون 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو