سکر: پيپلز ليبر بيورو وفد پاران ڊاريڪٽر پرائيويٽ اسڪول حميده جتوئي سان ملاقات
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ ) پيپلز ليبر بيورو سٽي جي صدر لالا سيف جي ڊاريڪٽر پرائيويٽ اسڪول سکر ميڊم حميده جتوئي سان ملاقات
سکر پيپلز ليبر بيورو سٽي جي صدر لالا سيف جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ نمائنده وفد ڊاريڪٽر پرائيويٽ اسڪول سکر، ميڊم حميده جتوئي سان سندن آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ علي بخش رڏ سميت ٻين معزز ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات جو مقصد ميڊم حميده جتوئي کي سندن نئين ذميواري، يعني ڊاريڪٽر پرائيويٽ اسڪول سکر طور مقرر ٿيڻ تي واڌايون ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ هو.
لالا سيف ميڊم حميده جتوئي کي سندن خدمت، صلاحيتن ۽ تعليمي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندن مقرري سکر لاءِ وڏي خوشيءَ ۽ فخر جو مقام آهي. هوءَ نه صرف تعليمي شعبي ۾ سُڃاتي وڃي ٿي، پر هوءَ هميشه سڌارن لاءِ سرگرم به رهي آهي. لالا سيف چيو ته ميڊم حميده جتوئي جهڙيون فرض شناس آفيسر جڏهن اڳڀرو ٿين ٿيون ته ادارا پاڻ ترقي ڪن ٿا.
ان موقعي تي لالا سيف ميڊم حميده جتوئي کي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، گڏوگڏ گلن جو خوبصورت گلدستو پڻ پيش ڪري سندن نئين سفر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن به ميڊم جتوئي جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هوءَ پرائيويٽ اسڪول شعبي ۾ معيار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.
ميڊم حميده جتوئي وفد جي آمد، عزت افزائي ۽ حوصلا افزائي تي دل جي گهراين سان ٿورائتو اظهار ڪندي چيو ته هوءَ هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته اسڪولن جي سڌاري، معيار، ۽ سٺي حڪمراني لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
جُون 11, 2025