سيوهڻ: قلندر لعل شهباز جي مزار تي زائرين کان اوقاف ملازمن جي مبينا رشوتخوري خلاف احتجاج

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي روزآنہ ھزارين زائرين حاضري ڀرائڻ لاء سيوھڻ شھر ۾ اچن ٿا، پر افسوس جو حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي زائرين لاء اوقاف کاتي سيوھڻ طرفان ڪي به بنيادي سهولتون ميسر نه آھن،

 جڏھن ته اوقاف کاتي سيوھڻ جا عملدار زائرين کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آھي، زائرين کي اوقاف جا ملازم نذرانو پيتين ۾ وجھڻ نٿا ڏين، جيڪو سراسر غلط عمل آھي، ھاڻي ته اوقاف کاتي جا ملازم مزار  جي مين ڪٽھڙي کي کولي زائرين کان ڳري رقم وصول ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي،

  سيوهڻ اوقاف کاتي جي ملازمن مزار حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه  جي ڪٽھڙي کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، اوقاف کاتي سيوھڻ جا ملازم زائرين کان ڪٽهڙي جي اندر  زيارت ڪرائڻ  لاء ڳري رشوت وصول ڪري زيارت ڪرائين ٿا،

 زائرين ۽ سيوھڻ جي رھواسين  وزير اعلىٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري اوقاف سنڌ ۽ ايڊمنسٽريٽر اوقاف جن کان مطالبو ڪيو آھي ته اوقاف کاتي سيوھڻ جي  ملازمن جي ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي،

انھن اوقاف جي ملازمن کي درگاھ جي ڪٽھڙي ۾ زائرين ۽ وي آء پيز کي اندر داخل ٿيڻ تي پابندي ھنئي وڃي، ۽ ھن ڌنڌي ۾ شامل اوقاف جي ملازمن خلاف ايڪشن کنيو وڃي.

جُون 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو