دادو: پيپلزپارٽي اڳواڻ شهناز مظهر الحق جو نيو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو، سهولتن ۽ صفائي تي ايم ايس جي دلي واکاڻ
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) اڳوڻي صوبائي سينيئر وزير پير مظهرالحق جي شريڪ حيات ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ شهناز مظهر الحق پاران نيو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو جو تفصيلي دورو ڪيو،
جتي هن مختلف وارڊن ۾ موجود طبي سهولتن، صفائي سٿرائي، ۽ مريضن کي فراهم ڪيل علاج جون خدمتون جائزي هيٺ آنديون شهناز مظهر الحق اسپتال جي جنرل او پي ڊي، ڊائيلاسيز وارڊ، ايمرجنسي، گائني، ٻارن جي وارڊ سميت مختلف وارڊن ۽ شعبن جو دورو ڪري، موجوده سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو،
ان موقعي تي هن اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي کي بهتر صفائي، عملدارن جي حاضري ۽ مريضن کي مهيا ڪيل علاج تي سندس واکاڻ ڪندي چيو ته ايم ايس ۽ سندس ٽيم ڀرپور جذبي سان عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن
شهناز مظهر الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وي سي لمس، پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ۽ ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي جون دادو جي عوام لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، هن چيو ته اسپتال جي ليبارٽري مان روزانو 200 مريض پنهنجون ٽيسٽون ڪرائن ٿا،
جڏهن ته ڊائيلاسيز جون سهولتون پڻ مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، جتي سڄي دادو ۽ نوشهرو فيروز ضلعي مان مريض اچي علاج ڪرائن ٿا،
هن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ او پي ڊي پرچين جي بنياد تي روزانو لڳ ڀڳ 2500 مريض علاج لاءِ اچن ٿا، جيڪو هڪ مثبت اشاري آهي ته هتي جي طبي عملو پنهنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان نڀائي رهيو آهي، هن چيو ته مخالف صرف تنقيد ڪن ٿا، پر اسپتال ۾ عملي ڪم واضع طور نظر اچي پيو، دوري دوران اڳوڻو سول سرجن ڊاڪٽر انصاف مگسي سميت ٻيون معزز شخصيتون پڻ پير شهناز مظهر الحق سان گڏ هيون،
جُون 11, 2025