دادو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا، وڏي مقدار ۾ Z, 21 سوپاريون گٽڪو هٿ

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن نور مصطفيٰ پٺاڻ، ايس ايڇ او بي سيڪشن بينظير جمالي ۽  انچارج سي آءِ اي سجاد علي جمالي پاران پوليس نفري  ساڻ ڪري منشيات خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو، دوداڻي موري، نجم ڪالوني، پنج مور ۽ مرکپور  وارن علائقن ۾ مختلف جاين تي ڇاپا هنيا ويا،

خفيه اطلاع تي دادو ڪينال جي ويجهو ڪاروائي ڪري جوابدارن پاران زمين  ۾ کڏا کوٽي لڪايل منشيات هٿ ڪئي وئي، خفيہ کڏن   اندران وڏي مقدار ۾ گٽڪا سوپاريون   برآمد  ڪيون ويون آهن، ڄاڻايل ڪارواين  دوران 7 منشيات ڊيلر پڻ گرفتار ڪيا ويا گرفتار ٿيل جوابدارن  ۾ علي رضا ڀنڊ، امجد ڀنڊ، محمد صادق ڀنڊ، نعيم ڀنڊ، ذيشان سومرو، عبدالجبار سيال ۽ ساجد ڀنڊ شامل آهن. ڪارواين دوران زيڊ 21 ۽ آداب گٽڪا سوپارين جا هزارين پئڪٽ سان ڀريل ٻوراهٿ آيا آھن جن جي ماليت لکين روپيا ٻڌائي پئي وڃي.

گرفتار جوابدارن ۽  ھٿ آيل منشيات بنسبت وڌيڪ ضابطي جي ڪاروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي، ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منشيات هڪ ناسور آهي جيڪو اسان جي نوجوان نسل کي تباھ ڪري رهيو آهي، آءِ جي سنڌ  ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي هدايتن تحت ضلعي دادو ۾ منشيات فروشن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ اسان جون ٽيمون مختلف علائقن ۾ ڪامياب ڪاروايون ڪري رهيون آهن، ڪارواين ۾ ڪيترائي منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ وڏي مقدار ۾ منشيات بہ هٿ آئي آهي، اهي ڪاروايون بنا فرق جي جاري رهنديون ۽ جيڪو به هن ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث هوندو تنھن کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو،

جُون 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو