اسان کي گڏجي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخي بلند ترين سطح تي پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي سيڙپڪارن جي عوام دوست بجيٽ تي اعتماد جو اظهار آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته پگهارن ۾ واڌ ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي سان نوڪري ڪندڙن کي رليف ملندو، الحمدلله ملڪ جي معاشي ترقي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، پاڪستاني عوام قربانيون ڏنيون، هاڻ اسان سڀني کي گڏجي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ محنت ڪرڻي آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌارو معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، پاڪستان جي ڏيوالي جي ڪنڌيءَ تان واپسي ۽ ترقي جو سفر هڪ معجزو آهي.