ٺٽو : ترڪش ڪالوني ۾ واٽر سپلائي جا وال چوري، هزارين ماڻهو پاڻي کان محروم

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي)  ترڪش ڪالوني ٿاڻي جي ويجهو واقع واٽر سپلائي لائن مان نامعلوم چور والو چوري ڪري ويا، جنهن سبب سڄي علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

واٽر سپلائي بند ٿيڻ ڪري هزارين رهواسي شديد پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته واٽر سپلائي عملو مڪمل طور تي بي ڌيان ۽ غير ذميوار نظر اچي رهيو آهي. مقامي رهواسين موجب، واقعو گذريل 24 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت اڳ پيش آيو، پر واٽر سپلائي کاتي جي عملدارن طرفان نه ڪو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي،

نه ئي علائقي واسين کي ڪا متبادل سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب عورتون، ٻار، بزرگ، ۽ مريض سخت تڪليف ۾ مبتلا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واٽر سپلائي کاتي جي لاپرواهيءَ سبب سندن روزمرهه جي زندگي درهم برهم ٿي وئي آهي.

هنن پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ۽ پاڻي جي فراهمي جلد بحال ڪئي وڃي. ساڳي وقت، ڊي سي ٺٽو کان به اپيل ڪئي وئي آهي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي، چوري جي جاچ ڪرائي، ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ عملي خلاف قانوني قدم کنيا وڃن.

جُون 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو