وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نئين مالي سان جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس دوران وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏيئي ڇڏي.
نئين مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جن موجب بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 17 هزار 573 ارب رپيا رکيو ويو آهي.
سرڪاري دستاويزن موجب، وفاقي ترقياتي بجيٽ لاءِ هڪ هزار ارب رپيا جڏهن ته غير ترقياتي خرچن لاءِ 16 هزار 286 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اٽڪل ٻه ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي. ان کانسواءِ سمورن سيلري سليب تي 2.5 سيڪڙو انڪم ٽيڪس گهٽائڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.
سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن لاءِ 30 سيڪڙو ڊسپيرٽي الائونس ڏيڻ جي تجويز به دستاويزن جو حصو آهي.
ناڻي واري وزارت جي دستاويزن موجب، پيٽروليم ليوي 78 رپيا في ليٽر مان وڌائي 100 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ، پيٽروليم شيون صرف ڊجيٽل ادائيگي ذريعي خريد ڪري سگهبيون، جڏهن ته روڪ ادائيگي تي في ليٽر اضافي 2 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
دستاويزن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته نان فائلرز لاءِ بئنڪ مان 50 هزار رپين کان وڌيڪ ڪيش ڪڍرائڻ تي ٽيڪس جي شرح وڌائي 1.2 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.
ان کانسواءِ يوٽيوبرز، فري لانسرز ۽ نان فائلرز تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ اڄ شام پنجين وڳي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي.
ان کان اڳ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ڪابينا کي بجيٽ تي بريفنگ ڏني.