مون سان وڙھندڙ ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي: ميرخان ٺڪر
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) مهراڻ ڪالوني سڪرنڊ جي رهواسي پورهيت رڪشا ڦٽي جي ڊرائيور ميرخان ٺڪر ولد صالح ٺڪر سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ۽ پنهنجي برادريء سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سڪرنڊ باءِ باس جي رهواسين وجي ٺڪر، بوبي ٺڪر، آڪاش ٺڪر جن سان گڏ ٻه نامعلوم ماڻھو پڻ ھئا جن مون کي ليلاآباد ۾ گهرايو، جتي مون سان وڙهيا آهن ۽ منهن ۾ مائوذر جو بٽ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.
جنهن ۾ منهنجي اک کي پڻ نقصان پهتو آهي. جڏھن ته مون کان روڪ رقم پڻ ڦر ڪري ويا آهن. هن چيو ته آئون مسڪين پورهيت آهيان ۽ رڪشا ڦٽو هلائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن چيو ته مٿي ذڪر ڪيل ماڻھن مون کي بي گناه ڌڪ هنيا آهن آئون وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مون سان وڙھندڙ ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.
جُون 10, 2025