عيد الاضحيٰ جي ڏينهن سوين مستحق خاندانن تائين في سبيل الله پروجيڪٽ تحت گوشت پهچايو ويو
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) الخدمت فائونڊيشن پاران سکر روھڙي ۔ڪشمور ۔شڪارپور سميت مختلف هنڌن تي قرباني في سبيل الله پروجيڪٽ تحت عهديدارن ۽ رضاڪارن ڀرپور طريقي سان ڪم ڪيو، عيد الاضحيٰ جي ڏينهن دوران خدمت جذبي تحت سوين ضرورتمند نادار ۽ مستحق خاندانن تائين في سبيل الله پروجيڪٽ تحت گوشت پهچايو ويو،
سرپرست الخدمت فائونڊيشن سکر ضلعو ۽ امير جماعت اسلامي ضلعو سکر زبير حفيظ شيخ، نائب امير وڪيل سلطان احمد لاشاري، صدر الخدمت فائونڊيشن ضلعو سکر رضاء الله گھمرو، صوبائي اڳواڻ مولانا حزب الله جکرو سميت ٻين عهديدارن جي نگراني هيٺ درجنين رضاڪارن حصو ورتو،
الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان پاڪستان جي ڪشمور ضلعي ۾ شبير احمد ميراڻي انچارج ڪميونٽي سروسز شعبو الخدمت ضلعي ڪشمور جي نگراني ۾ ضلعي جي مسڪينن ۾ مستحقن ۾ گوشت ورهايو ويو، الخمت پنهنجي محدود وسيلن سان منصوبي کي پورو ڪيو۔
جُون 10, 2025