سالياني بجيٽ ۽ وفاق ۾ سنڌ جي ناڻي جو ڪيس

Spread the love

ستار زنگيجو

نيشنل فائنانس ڪيمشن (NFC) ماليات جي ايوارڊ جو ڪيس مختلف وقتن تي زير بحث ايندو رهي ٿو جنهن تي چڱا ڀلا پڙهيا ڳڙيا، معيشت جا ماهر جڏهن موقعو ملين ٿو ته حملي آوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪا ٻولي هنن معيشت جي ماهرن جي نه آهي لڳندو ائين آهي ته صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي مالياتي  اين ايف سي ايوارڊ خلاف اها ٻولي پلانٽڊ هوندي آهي

اوهان کي ياد هوندو اها ٻولي سڀ کان اڳ ڪنهن شروع ڪئي هئي هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسيءَ اهو چيو ته اسان جيڪو به ٻاهرين مُلڪن کان قرض وٺون ٿا اڌ کان به وڌيڪ ته صوبا کڻي وڃن ته جيڪا ڳالهه ٿورو عجيب ۽ خطرناڪ هئي. لڳي ائين رهيو هو ته صوبا پاڪستان ۾ ڪا فالتو شي آهن. هنن جي خيال ۾ مرڪز رڳو گادي وارو هنڌ اسلام آباد جو 27 ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. مرڪز ۾  مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ هزارين ارب جيڪي به گڏ ٿين اُهي 24 ڪروڙ عوام جي پيسن مان ئي گڏ ٿين ٿا

 ارڙهين ترميم اچڻ، ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ مختلف کاتن جي وفاق کان صوبن ڏانهن اچڻ کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ سال2010ع  ۾ قائم ڪيو ويو اهو به طئه ڪيو ويو ته رهيل کاتا ٻين گڏجاڻين کانپوءِ صوبن ڏانهن متقل ڪيا ويندا  پر ان سلسلي ۾ وفاق جي بيروڪريسي تعصب جو مظاهرو ڪندي ان عمل ۾ سخت رنڊڪون وڌيون ۽ کاتا صوبن کي متنقل ڪرڻ کان انڪار ۽ لنوائڻ وارو رويو اختيار ڪيو. سالن 2010ع  ۾ اين ايف سي ايوارڊ اچڻ کانپوءِ اهو طئه ٿيو هو ته نئون مالياتي ايوارڊ هر پنجين سالن آبادي ۽ واڌ ۽ ٻين ڪيترن معاملن ڪري Review  ٿيندو ۽ رقم ۾ واڌ ٿيندي پر ان کانپوءِ مالياتي ايوارڊ جي نئين سر جوڙجڪ سال 2010ع  کانپوءِ اڄ تائين به نه ٿي آهي. مختلف وقتن تي اين ايف سي ايوارڊ  ۽ صوبائي مالياتي صوبائي خود مختياري تي عمران خان جي پي ٽي آءِ جي حڪومت کان حملا شروع ٿيا جيڪي اڄ تائين به جاري آهن

ان سلسلي ۾ صوبن جي ڪيس جي اڳواڻي سنڌ ئي ڪري سگهي ٿي جيڪا مختلف وقتن تي دٻجي دٻجي پنهنجي ڳالهه رکي ٿي. پنجاب اين ايف سي ايوارڊ جو ڪيس طاقتور انداز ۾ ڪڏهن رکندي ڪونه ٻڌو ويو آهي ڇو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ آيل مالياتي ايوارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪٿي نظر آيو آهي ته اهو پنجاب جي شهر لاهور ۽ ٻين شهر ۾ تمام وڌيڪ نظر آيو آهي ان هوندي به پنجاب ڪڏهن به مالياتي ايوارڊ جو ڪيش طاقتوار انداز ۾ نه رکيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ گنڊپور سرڪار سياسي مخالفت جي حد تائين ناڻي جو ڪيس مختلف مد جي رقم نه ملڻ جي صورت ۾ رکي ٿي  گنڊاپور يا پي ٽي آءِ سرڪار مالياتي ڪيس ٽينڪنل انداز ۾ ڪونه ٿي رکي. بلوچستان سرڪار ڪُل پيرا دا خير آهي ڪنهن سطح تي ڪونه ٿي رکي، اهم ڳالهه جيڪا پي ڊي ايم سرڪار پاران اچي پئي اها آهي ته آبادي جي بنياد کي هٽائي ٽينڪل بنياد تي مالياتي ايوارڊ ڏنو وڃي

انهيءَ سلسلي ۾ اهي ڳالهيون به هلن پيو ته مُلڪ ۾ جنگي صورتحال کان اڳ هي ڳالهيون ٿيون هيون ته صوبا دفاع ۾ پنهنجو حصو شامل ڪن  ۽ نئين مالياتي ايوارڊ ۾ تبديلي جي ارادي سان هن مالي سال 2025ع  جي اٺين مهيني آگسٽ ۾ ڪئي وڃي جيڪا ڳالهه اڄ وفاقي خزاني جي وزير گذريل سال جي اقتصادي سروي جي پريس ڪانفرنس دوران ڪئي آهي. اوهان جيڪي به معيشت جا ماهر پاڪستان جي نيشنل ميڊيا تي ٻڌندا ته اُهي اوهان کي مالياتي ايوارڊ تي حملي آوار ٿيندي نظر ايندا مثال طور پهريون مثال ائين ڏيندا ته صوبن کي پيسا ملن ٿا جيڪي صوبا هيٺ ڪونه ٿا ورهائين معني ضلعن ۾ ۽ ضلعن ۾ ايوارڊ وسيلي ئي ٿيڻ گهرجي جڏهن ته سنڌ سرڪار جي مالياتي کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار سدائين اهو جواب ڏنو مالي طرح پيسن جي ورهاست ترتيب سان ڏني ويندي آهي جيڪا شي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آڏو رکي ويندي آهي

هڪ معاشي ماهر هڪ ٽي وي تي چيو ته صوبا صوبا وفاق جي بجيٽ مان اٺ هزار ارب هڪدم کڻي  وڃن ٿا مان پاڻ حيران ٿي ويوس ته ائين ڪئين ٿيندو آهي سنڌ کي وفاق پاران هن سال جيڪا رقم اعلاني وئي آهي يا گذريل سال رقم اعلاني وئي هئي ان موجب سنڌ کي اٺ سو يا سوا اٺ سو ارب روپيا ڏيڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي جيڪا رقم وفاق پاران هڪدم ڪونه ادا ڪئي ويندي آهي، اها رقم مالي سال 26ع 2025ع  ۾ چئن ڪواٽرن ۾ ادا ڪئي ويندي آهي  اها رقم وڌڻ کپندي هئي جيڪا ڪونه وڌي آهي. سنڌ ۾ گذريل سال جي مالي سال 25ع 2024  ٽي هزار ارب کان وڌيڪ هئي هن سالن 13 جون تي سنڌ جي مالي سال 26ع 2025ع جي بجيٽ شايد ٽي هزار ارب کان وڌيڪ هجي اها رقم ايشن ڊولپمينٽ بينڪ ، سنڌ جي پنهنجي ٽيڪس گڏ ڪندڙ کاتي SBR سنڌ ريونيو بورڊ  ۽ ٻين ٽيڪس جي مد ۽ گذريل سالن ۾ پروجيڪٽ مان بچيل رقم مان ٺهي ٿي. باقي وفاق پاران مليل مالياتي ايوارڊ نه ملڻ ڪري سنڌ ائشين ڊولپمنٽ بينگ ۽ ورلڊ بينڪ جي قرضي ضرور آهي    جيڪو قرضي وفاق پاران وقت سر پيسا نه ملندڙ رقمن ڪري سنڌ جو آئندو ضرور ڀوڳيندو. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو ڪيس بهادري سان رکيو وڃي انهي سلسلي ۾ اقتداري مصلحتن کان ڪم ورتو ويو ته تمام خطرناڪ عمل ٿيندو

جُون 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو