مٺي: عيد واري رات موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل

Spread the love

مٺي (ڊ-ر)عيد واري رات مٺي ۾ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ نوجوان فوت ٿي ويو خبر موجب مٺي ۾ پرمار ڪالوني لڳ عيد واري رات موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 22 سالن جو نوجوان رضوان ولد صاحب ڏنو جوڻيجو دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو مڙھه مٺي کان ڳوٺ چيچاري جوڻيجا آندو ويو

جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهڻڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ عيد جڳن خوشيون پڻ ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

جُون 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو