عورت ٻي شادي لاءِ پنهنجي 8 ورهين جي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

Spread the love

منڊي بهاوالدين (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاوالدين ۾ عورت ٻي شادي لاءِ پنهنجي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب منڊي بهاوالدين جي علائقي مراد وال ۾ عورت ٻي شادي لاءِ پنهنجي 8 ورهين جي ڌيءُ کي قتل ڪيو ۽ پوءِ سندس اغوا جو ڊرامو ڪيو.
عورت الماس بي بي پنهنجي ڌيءُ ڪرن شهزادي کي بي دردي سان قتل ڪيو ۽ لاش ڪمند جي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو.
پوليس موجب عورت پنهنجي ڌيءُ کي مٿي ۾ ڏنڊو هڻي ماريو ۽ هن قتل جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي، عورت ٻڌايو ته هوءَ ٻي شادي ڪرڻ جي خواهشمند هئي ۽ ڌيءُ کي ان ۾ رنڊڪ سمجهندي هئي، تنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو.

جُون 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو