سکر شهر کي صاف سٿرو رکڻ اسانجو عزم آهي: ميئر ارسلان شيخ
سکر ( رپورٽ: امدد گل ڪلوڙ) حڪومت سنڌ جي ترجمان، ميئر سکر بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته سکر شهر کي صاف سٿرو رکڻ اسانجو عزم آهي، انشاءَالله ايندڙ پنجن سالن ۾ سکر کي هڪ بهتر شهر بڻائي ڇڏينداسين. هن سلسلي ۾ حڪومت سکر لاءِ سيف سٽي پروجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي، ۽ شهر کان ٻاهر جانورن لاءِ ڪيٽل ڪالوني به تيار ڪئي وئي آهي، جتي جلد ئي مال مويشي منتقل ڪيا ويندا.
اهي خيالات هن عيدالاضحيٰ جي موقعي تي “صاف سکر، اسانجي سڃاڻپ” جي نالي سان لڳايل انڊ يورينس پاڪستان ويسٽ مئنيجمينٽ ڪيمپ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ظاهر ڪيا. ميئر سکر وڌيڪ چيو ته “سکر اسانجي سڃاڻپ آهي”، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي صفائي ۽ آلائش گڏ ڪرڻ لاءِ 11 ڪيمپس قائم ڪيا ويا، جن لاءِ 250 کان وڌيڪ عملي کي مقرر ڪيو ويو.جانورن جي آلائش گڏ ڪرڻ لاءِ 15 هزار کان وڌيڪ شاپنگ بيگز ورهايا ويا.
عيد جي موقعي تي شهر جي مختلف هنڌن تان آلائشون گڏ ڪيون ويون. بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ عوام کي اپيل ڪئي ته جانورن جي آلائش ۽ ڪچرو رستن تي اڇلڻ بجاءِ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پاران ڏنل شاپنگ بيگز ۾ وجهي عملي حوالي ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته قرباني جي جڳهن تي چونو ضرور وڌو وڃي ته جيئن پيدا ٿيندڙ خطرناڪ وائرس ۽ جراثيم جو خاتمو ٿي سگهي.
صفائي اڌ ايمان آهي ۽ پنهنجو شهر ۽ گليون صاف رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن ٻڌايو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شھر واسي لاءِ هڪ شڪايت مرڪز پڻ قائم ڪيو ويو آهي.
جُون 9, 2025