بيلاروس پاڪ فضائيا جي جنگي مهارتن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ فضائي سهڪار جي نئين دور جي شروعات جو امڪان پيدا ٿيو آهي، بيلاروس جي ايئر فورس ڪمانڊر ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪري پاڪستاني فضائيه جي تربيتي نظام ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق بيلاروس ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل آندري يوليانووچ لوڪيانووچ اسلام آباد جي ايئر هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس پاڪ فضائيه جي تندرست دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۾ دفاعي سهڪار ۽ فضائي صلاحيتن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن فضائي فوجن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب بيلاروس پاڪ فضائيه جي تربيتي نظام ۾ خاص دلچسپي ظاهر ڪئي آهي ۽ جنگي تجربي مان سکڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار جو خواهشمند آهي.
ان موقعي تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهين جو پروگرام شروع ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو، جڏهن ته بيلاروس پاڪ فضائيه جي سربراهه کي دفاعي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني.
بيان موجب ٻنهي ملڪن پاران فضائي سهڪار ۾ نئين باب جي امڪاني شروعات جو اظهار ڪيو ويو ۽ هڪٻئي جي فضائي فوجن سان ويجهڙائي ۽ لاڳيتا رابطا برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

جُون 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو