وڳڻ صفائي جي ناقص صورتحال خلاف مگسي محلي واسي جو علامتي احتجاج

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ٽائون جي مگسي محلي ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف رهواسي علامتي احتجاج ڪندي پاڻمرادو نيڪال نالي صاف ڪيو. انور علي مگسي نالي شهري هٿ ۾ ڪوڏار کڻي صفائي ڪندي پنهنجي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جيڪا تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي،

انور علي جو چوڻ هو ته “وڳڻ ٽائون ڪاميٽي ۾ ضرورت کان وڌيڪ عملو ڀرتي ٿيل آهي، پوءِ به صفائي نه ٿيڻ افسوسناڪ عمل آهي، بار بار شڪايتن باوجود صفائي عملو نه ٿو اچي،

جنهن سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊي سي قمبر ۽ محتسب اعليٰ لاڙڪاڻو معاملي جو نوٽيس وٺي، ٽائون انتظاميه خلاف قانوني ڪارروائي ڪن.

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو