نظام ۾ خاميون آهن،معاشي ترقي،صنعت،تعليم رياست جي ايجنڊا تي ناهن:قيصر بنگالي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ )معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آھي تھ نظام ۾ وڏيون خاميون آھن جن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آھي.مون سنڌ سرڪار سان ڪم ڪيو آھي اتي پي سي ون جي منظوري جو ڪم ھيو مان ڪنھن کي رد نھ ڪندو ھيس پر پنج ڇھھ سوال لکي موڪليندو ھيس جنھن جا جواب نھ ايندا ھئا ۽ خبر پوندي ھئي تھ اھو منصوبو لاڀائتو ناھي پر ڪنھن کي فائدو ڏيڻ لاءِ آھي،
هن چيو ته عوام عذاب ۾ آھي، چونڊجي ايندڙن کي عوام کي ڪجھھ ڏيڻو پوندو.جيڪي ووٽ وسيلي اچن ٿا انھن جا ھٿ ٻڌل ھوندا آهن.سياسي عدم استحڪام سبب ڊگهي مدي واري پاليسي ڪا حڪومت جوڙي نھ پئي سگھي هن چيو ته 25 ورھين کان اسان جي ناڻي واري وزارت جو ھڪ ئي ڪم آھي وڌيڪ قرض کڻڻ ۽ پراڻو قرض واپس ڪرڻ. معاشي ترقي، صنعت، تعليم اھا رياست جي ايجنڊا تي ھاڻي ناھي.
ماڻهن کي ڪاروبار بند ڪري ريئل اسٽيٽ يا اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سٽي بازي لاءِ همٿايو وڃي ٿو.هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ٻن مھينن کان پگھارون نھ پئي ڏئي سگھي تھ ريسرچ جو پيسو يونيورسٽين وٽ ڪٿان ايندو. ھاڻي آئي ايم ايف کي بھ اسان تي ڀروسو ناھي ،آئي ايم ايف نھ ھجي تھ اسان جي افراط زر جي شرح ھزار سيڪڙو ھجي ھا.هن چيو ته .2024 نومبر تائين رائٽ سائزنگ ڪميٽي جو ميمبر ھيس پر استعفيٰ ڏنم جو مون کي لڳو تھ ھنن جو خرچ گھٽائڻ جو ڪو ارادو ناھي.
مون انھن کان پڇيو تھ گريڊ ون جون 150 لک سيٽون ختم ٿا ڪريو پر گريڊ 20 جون ڪيتريون ختم ڪندئو؟ھنن ائين نھ ڪيو.گذريل سال سول حڪومت هلائڻ تي 753 ارب خرچ آيو.اگر رائٽ سائيزنگ ٿي آھي تھ اھا بجيٽ ھن ڀيري گھٽ ھئڻ گھرجي.هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن پنھنجي صلاحيت ناھي وڌائي،.سنڌ جا پراونشل ھائي ويز سٺا جڙيا آھن.صحت ۾ سٺي ڪارڪردگي آھي.پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ سٺو ڪم ٿيو آهي. تعليم ۾ ڪا سٺي ڪارڪردگي ناھي.صنعتڪاري، روزگار ۽ غربت جي خاتمي تي ڪم ناھي ٿيو.
ان جو ذميوار اسلام آبادآھي پر صوبائي حڪومت بھ ان تي ڪم ڪري پئي سگھي.هن چيو ته ڪراچي جو مسئلو اھوآھي تھ ھن کي 25 ادارا ٿا ھلائين، سنڌ سرڪار سوچيو تھ شاھراھ فيصل کي ويڪرو ڪجي پر ڪٿي پنج لين آھي تھ ڪٿي ٽي لين آھي.سروس روڊ ھنڌان ھنڌان هڪ اداري جي قبضي ۾ آھي.
هن چيو ته بلوچستان ڪالوني بڻيل آھي انھن کي فيصلي جو اختيار ناھي.ڪي چونڊون ناھن ٿيون نمائندا عوام جا ناھن.بلوچستان ۾ سليڪشن ٿي آھي.هن چيو ته سول ھجن يا فوجي جن وٽ پيسوآھي انھن جا خاندان ٻاھر آھن انھن کي خبر آھي حالتون خراب ٿيون تھ ھليا وينداسين
جُون 5, 2025