مٺي: ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي هدايتن تي مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙن گاڏين خلاف ڪارروائي
مٺي(ڊ-ر) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي هدايتن تي مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙن گاڏين خلاف ڪارروائي. تفصيل موجب: ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي هدايتن تي مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪندڙ گاڏين خلاف ڪاروائي جو عمل جاري آهي،
سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ٿرپارڪر عرفان الله پاران ٿرپارڪر جي مختلف مسافر گاڏين کي چيڪ ڪرڻ جو ڪم روزانو جي بنياد تي جاري آهي، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ٿرپارڪر مختلف روڊن تي ٽرئفڪ پوليس ٿرپارڪر سان گڏ مسافر گاڏيون چيڪ ڪري گاڏين ۾ سوار مسافرن کان ورتل ڪرائي جي معلومات ورتي، مسافرن کن وڌيڪ ورتل ڪرايو مسافرن کي واپس ڪرائيندي انهن گاڏين تي ڏنڊ وڌو ويو، چيڪنگ دوران 17 مسافر گاڏيون چيڪ ڪيون ويون
جنهن دوران مسافرن کان وڌيڪ وصول ڪيل 5300 روپيا ڪرايو مسافرن کي واپس ڪرائڻ سان گڏ انهن گاڏين تي 7000 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ٿرپارڪر عرفان الله چيو ته عيد جي موقعي تي مسافرن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي، ڪنهن کي به ناجائز ڪرايو وصول ڪرڻ نه ڏنو ويندو، جنهن به ناجائز ڪرايو وصول ڪيو ته ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.
جُون 5, 2025