ماڻهو مرڻ جو علم هوندي جشن جاري رکيو ويو: اڳوڻي ڪرڪيٽر جي ڪوهلي تي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايل ۾ رائل چيلينجرز بينگلور جي فتح جو جشن ملهائڻ دوران پيش آيل واقعي کانپوءِ ويرات ڪوهلي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
اهو واقعو ڪرناٽڪ رياست جي شهر بينگلور ۾ ٻن مختلف هنڌن تي پيش آيو، جتي جشن ملهائڻ دوران ڀاڄ پوڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ويرات ڪوهلي وڪٽري پريڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، جنهن تي مداح ڀڙڪي پيا ۽ کيس وڪٽري پريڊ جاري رکڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر اتل وسان به ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪوهلي کي سانحي جو علم هجڻ باوجود تقريب نه روڪي وئي، مون کي يقين نه پيو اچي ته اسٽيڊيم ۾ ماڻهو مري رهيا هئا ۽ مبارڪباد ڏني پئي وڃي.
هن چيو ته فرنچائز انتظاميا ۽ سياستدانن کي ان افسوسناڪ واقعي جو علم هو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪوهلي کي علم نه هجي.
سندس چوڻ هو ته سياستدان بي رحم ٿي سگهن ٿا ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر به! انهن کي ڪا پرواهه ناهي هوندي، ڇو ته انهن کي بيلنس شيٽ ۽ روينيو نظر ايندو آهي.