ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو: ڌرتي جي تحفظ لاءِ اپيل

Spread the love

اڄ 5 جون تي سموري دنيا ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي،”انوائرنمنٽ جو عالمي ڏينهن” ملهائڻ جو مقصد ڌرتي جي ماحولياتي شعور کي هٿي وٺرائڻ سميت ڌرتيءَ کي ماحولياتي گندگيءَ کان پاڪ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيڻ آهي. اڄوڪو ڏينهن هميشه اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته ڌرتي رڳو اسان اسان انسانن لاءِ رهائش جو ماڳ ناهي، پر انهيءَ ڌرتيءَ سان واڳيل ڪروڙين جيوت جي حيات ۽ زراعت سان لاڳاپيل آهي. اهڙي طرح اسان انسانن جي غفلت سبب فضا ۾ ڪاربن جي مقدار ۾اضافي سان فطري طور تي ڌرتيءَ کي پاڻي مهيا ڪرڻ واري اڪيلي وسيلي گليشيرز کي نقصان پهچڻ سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو انديشو موجود آهي، جنهن سان دنيا جي حيات لاءِ خطرو پيدا ٿيندو، نتيجي طور انسان توڙي حيوان پاڻي کان محروم بڻجندي تڙپندي موت جي ور چڙهي ويندا، اهو يقينن حيات جو خاتمو هوندو، ان لاءِ سموري دنيا جي گڏيل ذميواري آهي ته ڌرتي جي ايڪو سسٽم کي بچائڻ لاءِ سائنسي بنيادن تحت حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته عالمي ادارا سائنسي بنيادن تحت ڌرتي کي گندگيءَ کان پاڪ ڪرڻ لاءِ نه رڳو اپيلون ڪندا رهن ٿا، پر ان جو حل پڻ پيش ڪندا آهن. هتي اسان ان ڳالهه جي نشاندهي پڻ ڪيون ٿا ته دنيا جي ماحول کي گدلو بنائڻ ۾ترقي يافته ملڪ آمريڪا، برطانيا، يورپ سميت اولهه سان تعلق رکندڙ ترقي يافته ملڪن جو صنعتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن صنعتي شعبن مان نيڪال ٿيندڙ گندگيءَ کي سائنسي طور طريقن تحت صاف نه بڻائڻ سان ماحول ۾ گندگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري ڌرتي کي گدلو بڻائڻ ۾ انهن ترقي يافته ملڪن جو واضع ڪردار رهيو آهي، جنهن جو شڪار ٿرڊ ورلڊ ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان، ڀارت، افغانستان، بنگلاديش سميت ڪئي درجن ملڪ انهن ترقي يافته ملڪن کي نه رڳو تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهن ٿا، پر ماحول ۾ پيدا ٿيل گندگي کي صاف ڪرڻ لاءِ ايندڙ خرچ مهيا ڪرڻ جو پڻ مطالبوڪندا رهن ٿا. ان کان سواءِ بدقسمتيءَ سان مقامي طور تي انسان جي ترقي پسند روش ڌرتي جي قدرتي نظامن کي پڻ تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، ٻيلن ۾ وڻن جي واڍي سان فضا ۾ آڪسيجن پيدا ڪندڙ وڻ گهٽجي رهيا آهن ۽ ماحول جي گندگيءَ جو سبب بڻجندڙ ڪاربن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي منفي عمل جي ڪري لاڳاپيل حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن، وڻن جي واڍي سان موسمياتي تبديليون، گرمي ۾ واڌ، زمين جي زرخيزيءَ ۾ گهٽتائي ۽ جهنگلي جيوت جي حيات جهڙا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي سمنڊ جو ايڪو سسٽم به خطري جي ور چڙهيل آهي، ان کان سواءِ انساني سرگرمين جهڙوڪ: پلاسٽڪ جو تمام گهڻو استعمال، تيل جو سمنڊ ۾وهڻ، تمر جي ٻيلن جو خاتمو، آبي حيات سميت مڇين جي حد کان وڌيڪ شڪار سبب سمنڊ جي حياتي دٻاءُ هيٺ آهي، اهڙي طرح سان انساني سرگرميون: جيئن صنعتي گندو مواد، زمين جي زراعت ۽ ٻيلن بدران رهائشي اسڪيمن وسيلي انساني آبادڪاري ۽ غير فطري زرعي طريقا پڻ ماحولياتي توازن کي بگاڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هوا جي آلودگي ۽ پاڻي جي کوٽ حياتياتي بقا لاءِ خطري جي گهنٽي بڻجي اشارو ڪري رهيا آهن.
ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته وڻ لڳائڻ، قدرتي وسيلن جي تحفظ، گندگي جي ڦهلاءَ کي روڪڻ سميت ماحول دوست زندگي اختيار ڪري ڌرتي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هيءَ ڌرتي اسان سڀني لاءِ گڏيل فطري ورثو آهي، جنهن جي سار سنڀال نه رڳو اخلاقي فرضن ۾ شامل آهي پر انساني بقا لاءِ به تمام گهڻو ضروري آهي. هتي اسان ماحولياتي تحفظ لاءِ ڪجهه گذارشون پيش ڪيون ٿا: (1) وڻ لڳايون: هرهڪ ماڻهو جي لاءِ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ لڳائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. (2) پلاسٽڪ جو استعمال گهٽايون: پلاسٽڪ کي استعمال ۾متبادل طور ڪنهن ٻئي مواد جي استعمال کي يقيني بڻايون. (3) صاف توانائي اختيار ڪريون: شمسي، هوائي يا پاڻيءَ وسيلي پيدا ٿيندڙ توانائي جي استعمال کي اوليت ڏيون. (4) پاڻي ۽ توانائي جي بچت ڪريون: پاڻي ۽ توانائي جي غير ضروري استعمال کان پرهيز ڪيون. (5)رياستن کي گهرجي ته اهي ٻيلا لڳائڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ وڻن جي واڍي تي مڪمل طور تي پابندي لڳائي وڃي. (6) تعليم ۽ شعور: دنيا کي ماحولياتي تحفظ لاءِ اسڪولن، ڪاليجن، ۽ ميڊيا وسيلي ماحوليات بابت آگاهي ڏيڻ وارا سلسلا شروع ڪرڻ گهرجن.
جيڪڏهن حڪومت مٿي ڄاڻايل قدمن کي سنجيدگيءَ سان اختيار ڪري ته نه رڳو موجوده ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو پر مستقبل جي نسلن لاءِ هڪ محفوظ، صحتمند ۽ ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ ڌرتي وارو تحفو ايندڙ نسلن کي ڏئي سگهجي ٿو، ان لاءِ رياست کي گهرجي ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ حڪومت، عوام۽ خانگي شعبي جي گڏيل ڪوششن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس بنيادن تحت حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو