عمرڪوٽ: عيد قربان کان اڳ مهانگائيءَ جو طوفان، روزاني ضرورت جون شيون عام ماڻهون جي وس کان ٻاهر، عوام پريشان، انتظاميا بي حس

Spread the love

 ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) عيد قربان جي ويجهو اچڻ سان ئي عمرڪوٽ جا ماڻهون اڳ ئي قرباني جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل نظر اچن ٿا شھر ۽ ڀرپاسي ۾ مهانگائيءَ جي نئين لهر هر گهر جو بجيٽ تباهه ڪري ڇڏيو آهي اٽو، کنڊ، چانور، دالون، گوشت، کير، بيضا، ميوا ۽ روزاني استعمال جون بنيادي ضرورتون لڳاتار مهانگي ٿيندي پيون وڃن، جڏهن ته ضلعي انتظاميه ۽ پرائس ڪنٽرول ڪاميٽيون صرف تماشو ڏسي رهيون آهن

 شھرين جي چوڻ مطابق بازارن ۾ هاڻي اٽو، کنڊ، چانور دال چڻا، دال ماش، دال مسور جيئن ته بصر، ٽماٽا، آلو، ساوا مرچ، ادرڪ، ٿوم ميوا جيئن ته انب، صوف، ڪيلا، گوشت (ٻڪري، ڪڪڙ) کير، دهي، چانهه پتي، کاڌي جو تيل، مصالح، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ، ڪپڙا ڌوئڻ جو پائوڊر اهي سڀ شيون عام ماڻهون جي وس کان ٻاهر ٿي ويون آهن عوامي حلقا شڪايت ڪن ٿا ته سنڌ حڪومت طرفان نه ڪو چيڪ اينڊ بيلنس آهي، نه ئي بازارن ۾ قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو نظام موجود آهي،

 ٻي طرف وفاقي حڪومت کان به ماڻهن اميدون ختم ڪري ڇڏيون آهن, عيد قربان جي مويشي منڊي ۾ به اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ٻڪري، دنبو، ۽ اٺ عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر ٿي ويا آهن. واپارين جو چوڻ آهي ته چارن، پيٽرول ۽ ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ واڌ سبب جانور مهانگا وڪڻڻ مجبوري بڻجي وئي آهي شھري چئي رهيا آهن ته موجوده حالتن ۾ عيد خوشي بدران پريشاني کڻي آئي آهي. وچولي ۽ هيٺئين طبقي لاءِ نه صرف قرباني مشڪل ٿي وئي آهي پر روزمره جو کاڌ خوراڪ جو بندوبست به هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي

 شھري اعليٰ اختيارين کان گهر ڪن ٿا ته فوري طور قدم کنيا وڃن ته جيئن روزاني جي استعمال جي شين جون قيمتون ڪنٽرول ۾ آڻي سگهجن. ٻي صورت ۾ عوام طرفان احتجاجي مظاهرن جو امڪان وڌي رهيو آهي.

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو