سکر: ٽرانسپورٽرن جي مسافرن کان اضافي ڀاڙو وٺڻ تي ڪارروائي، ڏنڊ لاڳو، اضافي رقم واپس ڪرائي وئي
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙي وصولي جي اطلاعن تي تحرڪ ۾ اچي ويو،
وڌيڪ ڀاڙن تي ڪارروائي جي شروعات، بائي پاس ۽ ٻين شاهراهن تي چيڪنگ، مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙي وٺڻ تي ٽرانسپورٽرز تي ڏنڊ لاڳو، مسافرن کي اضافي ڀاڙو واپس ڪرايو ويو،
ڪارروائي عيد کان پوءِ به جاري رهندي، وسيم ميمڻ. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ۔ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سنڌ اسد ضامن، ڪمشنر سکر فياض عباسي ۽ ڊي سي سکر ايم بي راجا ڌاريجو جي هدايت تي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي سکر جي سيڪريٽري وسيم ميمڻ پنهنجي عملي سان گڏ موٽر وي پوليس جي مدد سان سکر، روهڙي بائي پاس، موٽر وي ۽ ٻين شاهراهن تي عيد جي موقعي تي پنهنجن گهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي
سيڪريٽري آر ٽي اي ۽ سندس عملي سکر روهڙي بائي پاس، موٽر وي ۽ شاهراه تي ڪراچي ۔حيدرآباد کان پنجاب ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر گاڏين کي روڪيو مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مسافرن کي چيو ويو ته وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙن خلاف شڪايتون داخل ڪرائن يا موٽروي پوليس کي اطلاع ڏين ته ٽرانسپورٽرن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي۔
جُون 5, 2025