سيوھڻ: حضرت سخي پاڻ سلطان رحمت الله عليه جي عرس مبارڪ جي موقعي تي روحاني جلسو
سيوھڻ ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سنڌ ھڪ اوليائن جي ڌرتي سڏي وڃي ٿي، ھن ڌرتي ۾ ھڪ الله جو پيارو ولي الله حضرت سخي پاڻ سلطان رحمت الله عليه جي مزار به آھي، جيڪا سيوھڻ شھر جي وارڊ نمبر 01 سخي پاڻ سلطان محله ۾ آھي، ھن اولياء الله جو عرس مبارڪ 07 ذوالحج جي ڏينھن کان شروع آھي،
ھن عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاھ حضرت سخي پاڻ سلطان رحمت الله عليہ جي فقيرن ۽ خدمتگارن جن ۾ فقير محمد بچل ملاح ۽ غلام مرتضی ا ملاح ۽ سندس ڀائرن ۽ استاد غلام نبي سولنگي ۽ ٻين فقيرن ۽ خدمتگارن طرفان 08 ذوالحج جي رات تي ھڪ عظيم عاليشان اسلامي جلسو منعقد ڪيو ويو،
جنھن جي صدارت سيوھڻ شھر جو شان سيوھڻ شھر جو مان مفتي سائين عبدالحليم چنه جن ڪرڻ فرمائي، جڏھن تي ھن جلسي کي خصوصي خطاب اھل سنت والجماعت جو علمام سائين عاشق حسين راڄپر ڪرڻ فرمايو، ھن جلسي ۾ سيوھڻ شھر ۽ تعلقي سيوھڻ جي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،
جڏھن ته ھن جلسي جي آخر ۾ سلام پڙھيو ويو ۽ دعا گھري وئي، جيڪا سائين مفتي عبدالحليم چنه جن گھرڻ فرمائي، بعد ۾ جلسي ۾ آيل سڀني مسلمان ڀائرن کي لنگر پڻ ڪرايو ويو.
جُون 5, 2025