دادو: مورو روڊ تي ڪار ۽ رڪشا ۾ خوفناڪ ٽڪر، هڪ نوجوان فوت، چار ڄڻا زخمي
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ويجهو مورو روڊ تي ڪار ۽ رڪشا وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي بعد علائقي واسين زخمين ۽ فوتي کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو. فوتي نوجوان جي سڃاڻپ سانوڻ ولد غلام عباس سولنگي طور ٿي آهي،
جيڪو ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ قائم سولنگي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. زخمين ۾ صاحب علي، عبدالقدير، محمد عيسيٰ ۽ رڪشا سوار اسماعيل شامل آهن،
جن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي ضروري قانوني ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪار ۽ رڪشا کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
جُون 5, 2025